اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تح??يڪ انصاف جي حڪومت گذريل ٻن سالن دوران پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي اولين ترجيحن ۾ رکيو، پاڪ چين اقتصادي لنگهه اربين ڊالر جو هڪ ميگا منصوبو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچي ويندا. پاڪ چين اقتصادي لنگهه مان ملڪ جا سمورا صوبا برابر ??ائ??و کڻندا جڏهن ته بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ اڳوڻي فاٽا کي خاص طور ??ائ??و ٿيندو. ان اهم منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستاني معيشت جي تقدي?? بدلجي ويندي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه تح?? اهم منصوبن ۾ گوادر پورٽ جي اپ گريڊيشن، گوادر پورٽ ايڪسپريس وي جي تعمير، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ڪراچي سکر موٽروي جي تعمير ش??مل آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ جي اقتصادي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ پاڪستان عالمي واپاري سرگرمين جو مرڪز بڻجي اڀرندو. پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فيز ٽو ۾ سياحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. حڪومت سستي بجلي ٺاهڻ طرف وڃي رهي آهي، وڏا ڊيمز نه رڳو زراعت جي لاءِ ??ائ??يمند ٿيندا پر هائيڊل پاور جنريشن جي فروغ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندا. ٻئي طرف چين جون وڏيون ڪمپنيون ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ دلچسپي وٺي رهيون آهن.