اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شب??ي فراز چيو آهي ته نيب قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، مخالف ڌر پارٽيون چاهين ٿيون ته ملڪ ۾ معاشي بحران اچي ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌي، حڪومت احتساب تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندي ۽ بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا فرق جي احتساب جو عمل جاري رهندو. مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن ۽ رهنمائن تي بدعنواني جا سنجيده ڪيسز آه??، بلاول ڀٽو جو نيب کي بند ڪرڻ ۽ نيب چيئرمين کي گهر وڃن جي حوالي سان بيان کل جو??و آهي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چ??و ته ايف اي ٽي ايف جا قانون ملڪ جي لاءِ آهن، ڪنهن حڪومت لاءِ نه آهن، ايف اي ٽي ايف جا قانون اسان جا تجويز ڪيل ناهن پر اسان کي عالمي ادارن جي اميدن موجب ان تي عمل ڪرڻو آهي، اميد آهي ته عيدالاضحيٰ کان اڳ ايف اي ٽي ايف قانون پاس ٿي ويندو.