لاڙڪاڻو – 17 جون (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو ڪيو. سنڌ جو گ??رن?? عمران اسماعيل ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ وزي??اع??م سان گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزي??اع??م کي ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت سنڌ ۾ 60 ارب رپيا ورهايا پيا وڃن، سنڌ جي 50 لک خاندانن کي احساس ڪيش ڏنو پيو وڃي. وزي??اع??م جي هدايت موجب احساس ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرورتمند آهن. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته رڳو لاڙڪاڻي جا هڪ لک 50 هز??ر خاندان احساس ڪيش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 هز??ر خاندانن مان هيستائين هڪ لک 15 هز??ر خاندانن کي مدد ڏني وئي آهي. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت رڳو لاڙڪاڻي ۾ 2.2 ارب رپيا مستحق خاندانن ۾ ورهايا ويندا. لاڙڪاڻي ۾ ڪيش ڊسٽريبيوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.