اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته شهبا?? شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو معاملو غور هيٺ آهي، ان کي ڪنهن به وقت پڪڙي سگهجي ٿو، 50 روپين جي اسٽام پيپر تي ويندڙ جي ضمانت شهبا?? شريف ڏني، نوا?? شريف لنڊن ۾ خوش باش گهمي ڦري رهيو آهي، ان وٽ جڏهن اقتدار ناهي هوندو ته ملڪ مان هليو ويندو آهي، شريف خاندان جو سڀ ڪجهه ٻاهر آهي، ملڪ ۾ اهي صرف اقتدار لاءِ ايندا آهن، سياست کي ڪاروبار بڻائيندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪنهن کي غلط فهمي نه هجڻ گهرجي، احتساب جو عمل ڪنهن به صورت ۾ نه رڪجندو، پي ٽي آءِ نظرياتي ماڻهن جي پارٽي آهي جيڪا موروثي سياست تي يقين نٿي ر??ي، حڪومت ايس او پيز متعارف ڪرائڻ کانپوءِ مرحليوار ۽ محدود پيماني تي معاشي سرگرمين جو آغاز ڪيو، ايس او پيز کي نظر انداز ڪيو ويو ته لاڪ ڊائون کي سخت ڪنداسين. هو پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري فرخ حبيب سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪو??ونا سبب صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي لاڏاڻي تي افسوس ٿيو آهي، ڪو??ونا وبا جو پاڪستان ۾ تيزي سان اضافو ٿيڻ لڳو آهي، حڪومت ڪو??ونا وبا جو مسلسل جائزو وٺي رهي رهي آهي، لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکندي حڪومت غريب طبقي جي باري ۾ به سوچيندي آهي، هن چيو ته ڪو??ونا وبا کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي عالمي سطح تي وڏيون معيشتون به ڪو??ونا وبا جي چئلينج کي منهن نٿيون ڏئي سگهن، ڪو??ونا وبا کان بنا ڪنهن فرق جي ڪو به متاثر ٿي سگهي ٿو.