اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”ڪوويڊ 19 جي خلاف عوام جي ويڪسين“ جي لاءِ اپيل تي صحيحون ڪري ڇڏيون آ??ن ۽ چيو آهي ته ڪو به ليڊر ان وقت تائين آرام سان نه ٿو ويهي سگهي جيستائين هر ملڪ جي هر شهري کي مفت ويڪسين تائين پهچ نه ٿي ملي. وزيراعظم آفيس جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم عمران خان ??وويڊ 19 جي خلاف عوام جي ويڪسين جي لاءِ اپيل ۾ عالمي اڳواڻن سان ??ڏ شامل ٿي ويو آهي، ان اپيل ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته جڏهن ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ??يڪسين تيار ٿي وڃي ته اها سمورن ملڪن ۾ سڀني ماڻهن کي مفت ملڻ گهرجي.