اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي وا??ي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ملاقات ڪئي آهي ۽ کيس واپار?? برادري جي لاءِ معاشي پئڪيج ۽ احساس ڪيش ٽرانسفر پروگرام سميت ٻين معاملن ت?? بريفنگ ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران ناڻي وا??ي صلاحڪار وزيراع??م کي ٺوس معاشي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو، جنهن جو اعلان حڪومت واپار?? برادري، ايس ايم ايز ۽ عوام جي مدد لاءِ ڪيو آهي، جنهن ۾ خاص طور تي قرض ملتوي ڪرڻ، نوان قرض سبسڊي تي ڏيڻ، ٽيڪس ري فنڊ ??ريعي روڪ رقم جي منتقلي، سماجي تحفظ جي احساس ڪيش ٽرانسفر پروگرام تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.