اسلام آباد ??? 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پهريون ڀيرو ن??شن?? ڊزاسٽر مينيجمينٽ فنڊ (اين ڊي آر ايم ايف) کي فعال بڻائي ٻوڏ، زلزلي، حادثن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ روڊ ميپ ڏئي ڇڏيو آهي، ان فنڊ جو فعال هجڻ نئين پاڪستان جي بدلجندڙ حالتن، سوچ ۽ عزم جو آئيندار آهي، ڊزاسٽر رسڪ اسٽيٽريجي پاليسي متعارف ڪرائي پئي وڃي دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ اها پاليسي فعال آهي جنهن ۾ هاڻي پاڪستان به ش??ار ٿيندو، اين ڊي آر ايم ايف کي صوبن ۾ آفتن، حادثن، بلوچستان ۾ برفباري، ڏڪار جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ، بلين ٽري منصوبي، ايڪوٽوئرازم، ريسڪيو 1122 کي پوري ملڪ تائين پکيڙڻ جو مينيڊيٽ ڏنو ويو آهي، رانا ثناءُ الله مون کي بچايو تحريڪ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، نواز شريف ۽ شهباز شر??ف ??يڪڏهن پاڪستان واپس اچڻو هجي ها ته پوڙهي ماءُ کي اتي نه گهرائين ها. هو ن??شن?? ڊزاسٽر ريسڪ مينيجمينٽ فنڊ (اين ڊي آر ايم ايف) جي دوري جي موقعي تي بريفنگ کانپوءِ سي اي او اين ڊي آر ايم ايف ليفٽيننٽ جنرل (ر) نديم احمد سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي