اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ??اڪستان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو جڏهن ته انفرا اسٽرڪچر، مارڪيٽ ۽ انهن زونز جو انتظام هو پاڻ ڪندا، صنعتي زونز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ??ئي وين??ي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي، زونز جي تع??ير ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ??ئي ويندي. اهڙو اظهار هن ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زونز (ايس اي زيز) لاءِ جاين جي نشاندهي ۽ چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي لاءِ پاليسي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني. احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته چين سان جي ٽ?? جي گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو. وفاقي وزير هدايت ??ئي سڀني کان پهرين ماڊل صنعتي زونز لاءِ دستياب زمين جي مقدار جو تع??ن ڪيو ويندو ۽ انهن زونز جي ڀرپاسي ۾ بنيادي سهولتن جي دستيابي جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته صنعتي زونز جي حوالي سان پاليسي جي تياري لاءِ هڪ جامع ڪانسيپٽ نوٽ تيار ڪيو وڃي، احسن اقبال صنعتي زونز جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته صنعتي زونز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ??ئي وين??ي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي. هن واضح ڪيو ته زونز جي تع??ير ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ??ئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته چيني ڪمپنين سان هر مهيني باقاعدگي سان ملاقاتون ڪيون وڃن ۽ انهن جي مسئلن جو فوري حل يقيني بڻايو ويندو. هن چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو ته ??اڪستان ۽ ترقي جي دشمنن کي پاڪ چين لاڳاپن ۾ ڏار وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.