اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زرعي ترقياتي بئنڪ جي اسسٽن?? نائب صدر کي عورتن کي هراسان ڪرڻ تي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار رکندي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي فيصلي جي خلاف جوابدار جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسسٽن?? نائب صدر (جوابدار) تي عورت آفيسر کي جنسي ??ور تي هراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي ويو هو. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران جوابدار تي هنيل 5 لک جي ڏنڊ کي وڌائي 6 لک رپيا ڪري ڇڏيو. صدر معاملي تي زرعي ترقياتي بئنڪ جي درخواست کي پڻ رد ڪري ڇڏيو. صدر چ??و ته جوابدار هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪارروائي ۾ ڪنهن بي ضابطگي جي نشاندهي ۾ ناڪام رهيو، معاملي تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪارروائي ثبوتن جي صحيح جانچ تي ٻڌل آهي. صدر چ??و ته پاڪستان ۾ آئين، قانون ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جو پيغام چٽو ۽ واضح آهي، اسان هڪ اهڙو معاشرو چاهيون ٿا جتي عورتن کي ڪم ڪرڻ جي آزادي هجي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته اهڙي معاشري جو قيام چاهيون ٿا جتي سمورين عوامي جاين تي عورتن جي لاءِ محفوظ ماحول هجي. صدر چ??و ته شڪايت ڪندڙ کي قانون ۽ قاعدن جي سراسر خلاف ورزي ڪندي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو، عورت شڪايت ڪندڙ جي خلاف ڪا باقاعده انڪوائري نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ٻڌڻي جو موقعو ڏنو ويو. صدر چ??و ته متاثر عورت جي برطرفي جو حڪم غيرقانوني اهي، برقرار نه ٿو رهي سگهي، شڪايت ڪندڙ اڃا به بئنڪ جي ملازم آهي، اڄ تائين پنهنجي سمورن فائدن جي حقدار آهي، جوابدار جنسي هراسمينٽ جي الزام تي شڪايت ڪندڙ کان جرح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. صدر چ??و ته شڪايت ڪندڙ پاران پيس ڪيل ثبوت ڀروسي جوڳا لڳي رهيا آهن. تفصيل موجب گوجرانوالا ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ جي برانچ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت آفيسر جوابدار جي خلاف هراسان ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي، عورت الزام هن??و ته جوابدار جي آفيس ان جي آفيس جي ويجهو هئي، موبائيل فون تي ان جي وڊيوز رڪارڊ ڪندي پڪڙيو ويو. شڪايت ڪندڙ حلفنامو پيش ڪ??و ته جوابدار ان کي جنسي ??ور تي هراسان ڪيو ۽ جسماني ??ور تي ڇُهيو. جرح ۾ جوابدار جنسي هراسمينٽ جي مخصوص الزام تي ڪو سوال نه ڪيو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب پنهنجي فيصلي ۾ جوابدار کي شڪايت ڪندڙ کي جنسي ??ور تي هراسان ڪرڻ جو ڏوهاري قرار ڏنو هو.