اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? ??هي ته پوري دنيا اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي متفق ٿي چڪي آهي، او آءِ سي اجلاس ۾ سئو کان وڌيڪ قراردادون بحث هيٺ اينديون، ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. هو پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو سرڪاري ترانو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري ره??و هو. پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان ڪجهه مهينن ۾ ٻيون ڀيرو مسلمان امت جي ميزباني ڪري ره??و ??هي جيڪا اعزاز جي ڳالهه آهي. هي اجلاس ان لاءِ به منفرد ??هي جو اهو پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿي ره??و آهي. هن چي?? ته او آءِ سي جا پرڏيهي وزير 23 مارچ ت?? پريڊ ۾ شريڪ ٿيندا. پرڏيهي مهمان اسان جي ثقافت ۽ ان ڏينهن جيڪو قومي يڪجهتي جو مظاهرو ٿي ره??و آهي، ان جو مشاهدو ڪندا. پرڏيهي وزير چي?? ته او آءِ سي اجلاس جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون تمام گهڻيون ڪوششون آهن. هن چي?? ته اجلاس اهڙي وقت ٿي ره??و ??هي جڏهن مسلمان امت کي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين جا مسئلا اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. افغانستان ۾ به انساني بحران جاري آهي. انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو ملندو. هن چي?? ته ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي لاءِ جاري ڪيل تراني کي ناليواري گلوڪار علي ظفر ڳايو ۽ ٻيهر ٺاهيو ??هي ۽ وڊيو الڪريم بيگ تيار ڪئي آهي.