اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اهو ڏينهن ??ري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيدن جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ٿيندو. ڪشمير جي پاڪستان سان الحاق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته 19 جولاءِ 1947ع تي پاڪستان سان ڪشمير جي الحاق جي قرارداد منظور ڪئي وئي. ان ڏينهن کي مله??ئڻ جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزادي ۽ پاڪستان سان الحاق جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته اهو ڏينهن ??ري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيدن جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ٿيندو، ڀارت ??شمير تي غاصباڻو قبضو ڪري رکيو آهي ۽ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي خلاف هر عا??مي فورم تي آواز اٿاري رهيو آهي.