??سل??م آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گرين پاڪستان پروگرام تحت ملڪ ۾ ”پروٽيڪٽڊ ايريا انيشيٽو“ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هن اها منظوري وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت صلاحڪار ملڪ امين اسلم سان ملاقات جي موقعي تي ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب اها ملاقات گذري?? مهيني وزيراعظم طرفان منظور ڪيل ان پيڪيج جي تسلسل ۾ هئي ج??هن ۾ ڪووڊ 19 سبب بيروزگاري کي منهن ڏيندڙ 65 هزار نوجوانن، ڏهاڙيدارن جي سڄي ملڪ ۾ وڻڪا??ي ۾ خدمتون حاصل ڪرڻ شامل آهي.