اسلام ??باد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي ته قانونسازي پارليامينٽ جي بنيادي ذميواري آهي، ان کي سياسي ايجنڊا سان مشروط ڪرڻ غيرپارلياما??ي، غيرآئيني ۽ غيرجمهوري آهي. پنهنجي ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي اکين ۾ ان لاءِ کٽڪي ٿو ج?? هو پنهنجي ذات جي نه پاڪستان جي مستقبل جي جنگ وڙهي رهيو آهي.