اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته محمد نواز شر??ف کي طبي بنيادن تي ضمانت ۽ سزا معطلي جي عدالتي فيصلي کي حڪومت تسليم ڪري ٿي، اڃا تائي?? نواز شر??ف پاران ٻاهرئين ملڪ علاج جي درخواست ناهي آئي. ميڊيا بريفنگ دوران مختلف سوالن جي جواب ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ميا?? محمد نواز شر??ف جي 8 هفتن جي لاءِ طبي بنيادن تي ضمانت منظور ۽ سزا معطل ٿي وئي آهي، پنجاب جو وڏو وزير ۽ نيب جا عملدار پڻ عدالت ۾ موجود هئا، اهو مسلسل هڪ عمل هلي رهيو هو.