اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين سيڙپڪاري بورڊ جو دورو ڪيو، سيڙپڪاري بورڊ آمد تي مملڪتي وزير ?? سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد اظفر احسن ?? سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري فارينه مظهر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جو استقبال ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير کي سيڙپڪاري بورڊ جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ?? سيڙپڪاري بورڊ پاران متعارف ڪرايل سڌارن کان آگاهه ڪيو ويو، ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ پاران ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، چوڌري فواد ??سين سيڙپڪاري بورڊ جي ڪارڪردگي کي ساراهندي چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سيڙپڪاري بورڊ سان ڀرپور تعاون ڪندي.