اسلام آباد – 14 ن??مب?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀ??رت پاران پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرپرستي جا نا قابل ترديد ثبوت موجود آهن. ڀ??رت رياستي دهشتگردي ۾ سڌو سنئون ملوث آهي ۽ ان کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته ڀ??رت ۾ انتهاپسندي عروج تي آهي ۽ سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀ??رت روگ اسٽيٽ جو روپ اختيار ڪندي ??ئي وڃي. عالمي برادري ک?? پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڀارتي منصوبن جي ڄاڻ وقت به وقت ڏيندا رهيا آهيون. ڀ??رت جي رياستي دهشتگردي تي وڌيڪ چپ رهڻ نه پاڪستان ۽ نه ئي ڏکڻ ايشيا جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل بابر افتخار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ??اڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ڀارتي ادارن جي هٿ هجڻ، پابندي ??يل تنظيمن سان مالي سهڪار، انهن تنظيمن جي ڪارڪنن کي سکيا ۽ هٿيارن جي فراهمي ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٽارگيٽس جي نشا??ده?? ۽ پئسن جي منتقلي بابت شاهديون پيش ڪيون.