حسن ابدال – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن کي ٻاهران قرض نه گهرڻا پون، معيشت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ايم ايل ون جي صورت ۾ پا??ستان ۾ پهريون ڀيرو چين ??ڏي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، پا??ستان سياحت جي حوالي سان وڏو مرڪز بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار حسن ابدال ۾ ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و، وزيراعظم چيو ته نئين ??اڪستان ۾ ريلوي جي وڏي اهميت آهي ڇو ته ريل جي ذريعي عام ماڻهو سستو ۽ آرامده سفر ڪندو آهي. سڄي دنيا ۾ ريل جو سفر بهترين ذ??يعو آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته انگريزن جي ڏنل ريلوي نظام کي ترقي نه ڏني وئي، ان کي توسيع ڏيڻ بدران ان ۾ 50 ڪلوميٽر جي گهٽتائي ٿي، هن چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي ۽ چين ??نهنجي ملڪ ۾ دنيا جو تيز ترين ريلوي جو نظام وڇايو آهي، چين جي مدد سان ملڪ ۾ پهرين ڀيرو وڏي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ايم ايل ون 9 ارب ڊالر جو منصوبو آهي.