اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خا?? جي ڪنهن سا?? ذاتي دشمني ۽ ويڙهه نه آهي، اسان جو مقصد ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظام جوڙڻ آهي جنهن سا?? حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ اهڙو رابطو بڻجي جو مخالف ڌر حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪري پر قومي ۽ عوام جي مفاد?? جي حوالي سا?? قانونسازي ۾ حڪومت جو سا?? ڏ??، ملڪ ۽ عوام جي مفاد?? جي لاءِ حڪومت مخالف ڌر سا?? ڳالهي?? جي لاءِ تيار آهي پر احتساب جي معاملي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، ڪو به معاشرو ۽ ملڪ احتساب کانسواءِ نه ٿو هلي سگهي، حڪومت مخالف ڌر پارٽي?? جي بدعنوان قائدين ۽ اڳواڻن سا?? نرمي ڪئي ته اهي سمجهڻ لڳا ته هي ڪمزور آهن، هاڻي ڪنهن کي به شڪ جو فائدو نه ڏينداسين. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت مخالف ڌر پارٽي?? جي جلسن ۽ جلوسن سا?? گهٻراهٽ جو شڪار نه آهي، هي ماڻهو پنهنجي تقريرن ۾ غلط بياني ڪن ٿا جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن عوام کي اصل حقيقت معلوم هجي.