ڪوئيٽا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ بلوچستان صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جان?? ۽ ??الي نقصانن، بحالي جي قدمن، صوبي ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال ۽ ازالي جي حوالي سان قدمن ۽ بلوچستان ۾ جار?? ۽ ??ستقبل جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان قدمن جو جائزي اجلاس جمعي ڏينهن هتي منعقد ٿي??، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، صوبائي وزير، اين ڊي ايم اين اي جو چيئرم??ن ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، بلوچستان جو چيف سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب بلوچستان جي چيف سيڪريٽري صوبي جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن جي صورتحال، جان?? ۽ ??الي نقصانن، انفراسٽرڪچر جي بحالي، عوام جي طبي سهولتن، راشن جي فراهمي ۽ رليف سرگرمين جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني.