اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان پاڪستاني مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيار جي حوالي سان خدشا مصنوعات جي روانگي واپار جي فروغ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، معيار جي جاچ پڙتال جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي ملڪ ۾ صنعتي مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وز??ر چوڌري فواد حسين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا، وز??راعظم ميڊيا آفيس موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وز??ر چوڌري فواد حسين ملڪ ۾ صنعتي ۽ ٻي مصنوعات جي معيار جي حوالي سان موجوده نظام، پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت معياري ٽيسٽنگ ليبارٽريز جي قيام ۽ صنعتي مصنوعات جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو.