اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پا??ست??ن اسلام جو هڪ مضبوط قلعو آهي ۽ جاگرافيائي بي??ڪ جي ڪري اسلامي دنيا ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو، پا??ست??ني نوجوانن کي الله تعاليٰ بي پناهه صلاحيتن سان نوازيو آهي ۽ هو ملڪ جي تقدير کي بدلائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾” پا??ست??ن۾ هڪ پرامن ۽ جامع معاشرو، چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان منعقد ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پا??ست??ني قوم بردبار، روادار ۽ پرامن قوم آهي ۽ مشڪل وقت ۾ پا??ست??ني عوام جهڙي طرح هڪٻئي جي مدد ڪندي آهي اها واکاڻ جوڳي آهي، هن چيو ته ڪووڊ -19 جي وبا جي ??ور??ن پا??ست??ني عوام جنهن حوصلي، همت ۽ صبر سان ان وبا جو مقابلو ڪيو اهو دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، هن چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ امن جو قيام ضروري آهي، هن چيو ته دنيا ۾ امن ۽ برداشت جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي.