لاهور / اسلام آباد – 13 ??ون (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون ئي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جو واحد حل آهي، ڪورونا جو ڦهلاءُ به روڪڻو آهي ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻو آهي ته جيئن غريب تي بار نه پوي، عوام احتياط نه ڪ??و ته مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو، عوام احتياط نه ڪ??و ته ان لاءِ وائرس تيزي سان پکڙيو، هاڻي لاڪ ڊائون نه ڪ??داسين پر مخصوص ايرياز بند ڪرائينداسين ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ سختي ڪنداسين، عوامي جاين تي ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، عوام جي مٿان آهي ته احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري حالتن کي بگڙڻ کان بچائي، صوبن جا دورا به ڪ??دس ۽ ڪورونا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ايس او پيز تي عملدرآم?? کي پاڻ مانيٽر ڪندس. هو پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ ڳالهائي رهيو هو.