اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي مذهبي معاملن واري مرڪزي سيڪريٽري پير سيد حبيب عرفاني ۽ عالم سڳورن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ عالم سڳورن ۾ پير سيد اسرارالحق نظامي، پير توصيف الاهي مجددي، ع??ام?? عظمت حسين شاهه ۽ ع??ام?? محمد اصغر شامل هئا. ملاقات ?? ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏس ۾ موجوده حالتن ۾ عالم سڳورن جو ڪردار خاص طور تي عوام ۾ حفاظتي تدبير?? جي فروغ ۾ عالم سڳور?? جي ڪردار جي حوالي سان خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مسجدن، درگاهن ۽ خانقاه?? جي معامل?? جي بهتر انتظام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.