اسلام آباد – 27 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اع??اڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ طبي سهولتون، سامان ۽ ڊاڪٽر موڪلڻ تي عظيم دوست چين جا ٿورا ادا ڪريون ٿا، چين جهڙي طرح بهترين نظم ۽ ضبط سان ان وبا تي ضابطو آندو اهو دنيا لاءِ هڪ مثال آهي، ڪرونا جي حوالي سان پاڪستان چيني ??اڪٽرز جي علم، ??جر??ي ۽ مهارت مان ڀرپور فائدو کڻندو.