اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سالن کان غيراستعمال ٿيل ار??ين روپين جي ملڪيتن کي مثبت طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي عوام جي ڀلائي ۽ اسڪولن، ڪاليجن، اسپتالن جهڙين بنيادي سهولتن جي بهتري لاءِ استعمال ڪرڻ موجوده حڪومت جي پاليسي جو اهم جز آهي. هن چيو ته ار??ين روپين جي ملڪيتن جي باوجود وفاقي حڪومت جا مختلف ادارا ار??ين رپين جو ساليانو خسارو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ انهن وڏين قيمتن واري?? ملڪيتن کي استعمال ۾ آڻي ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار مختلف وزارتن ۽ وفاقي حڪومت جي ادارن جي غيراستعمال ٿيل ملڪيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو.