اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ر??اني کر اميد ظا??ر ڪئي آهي ته يوڪرين جي عوام موجوده بحران مان جلد نڪرندي، پاڪستان يوڪرين ۾ جاري ??نگ جي حوالي سان شديد خدشا رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوڪرين کي امدادي سامان موڪلڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم آهن، ??نگ جي ڪري يوڪرين ۾ وڏي انگ ۾ شهري بي گهر ٿي چڪا آهن، يوڪرين جي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته امدادي سامان يوڪرين جي عوام سان پاڪستان جو يڪجهتي جو اظهار آهي. ان موقعي تي يوڪرين جي سفير چيو ته يوڪرين جي عوام کي هن وقت ??نگ درپيش آهي، مشڪل وقت ۾ مدد تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان پاران امدادي سامان جي ٻي کيپ يوڪرين موڪلي پئي وڃي.