ڪراچي – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن ۾ هارائي وڃي ان تي ڌانڌلي جو گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي، وزيراعظم جي هدايت تي عمر شريف جي عيادت جي ??اء?? آيا آهيون، عمر شريف اسٽيج جو بادشاهه آهي ۽ قوم جو اثاثو آهي، حڪومت عمر شريف جي علاج جي ??اء?? هر ممڪن قدم کڻندي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سدان گڏ آغا خان اسپتال ۾ ناليواري ڪاميڊين عمر شريف جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمر شريف اسٽيج جو بادشاهه ۽ قوم جو اثاثو آهي، حڪومت سندس علاج جي ??اء?? هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان عمر شريف جي علاج جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڊاڪٽرن جو بورڊ جيڪو فيصلو ڪندو، حڪومت ان ۾ تعاون ڪندي، کيس اطمينان بخش علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته عمر شريف جي علاج بابت فيصلو ڊاڪٽرن کي ڪرڻو آهي، ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن اليڪشن ۾ هارائي وڃي ان تي اهي ڌانڌلي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي خلاف سڀ کان پهرين مظاهرو پي ايم ايل اين ڪيو هو، شاهد خاقان عباسي جون تقريرون کڻي ڏسو، اهي ه?? ڏينهن هڪڙي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ٻئي ڏ??نهن سندن موقف ڪجهه ٻيو هوندو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو بنيادي طور تي ڪم پن??نجي غيرسياسي حيثيت کي بحال رکڻ آهي، جيڪڏهن اهي پن??نجي حيثيت وڃائي ويهن ته انهن کي هلي وڃڻ گهرجي، 22 ڪروڙ جي آبادي آهي، اسان اليڪشن ڪرائي سگهون ٿا.