اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چ??ن جي سفير نونگ رونگ هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين ۽ پاڪ??تا?? جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ، ويڪسين ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. چين جي سفير وزيراعظم عمران خان کي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران نيڪ خواهشن ۽ پاڪ??تا?? جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪاد جو پيغام پهچايو. وزيراعظم چيني قيادت کي مبارڪباد جي پيغام تي پنهنجي خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪ??تا?? جي ڪووڊ – 19 خلاف جنگ ۾ چين جي مسلسل حمايت ۽ ڪووڊ ويڪسين سهولت تحت ويڪسين جي فراهمي جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ چين فولادي ڀائر آهن ۽ ڪنهن به دشمن قوت کي ان دوستي کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان چ??و ته سي پيڪ تبديلي جو منصوبو آهي ۽ ??نه?? ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ کي بي آر آءِ جو اعليٰ معيار جو منصوبو بڻائي سگهجي. هن چ??و ته پاڪ??تا?? جي حڪومت سي پيڪ منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پرعزم آهي، ملاقات ۾ واپار، ڪامرس، سيڙپڪاري، چين ۽ پاڪ??تا?? جي عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ کاڻين ۽ قدرتي وسيلن بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. وزيراعظم علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ته افغان??تا?? جي تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، وزيراعظم پاڪ??تا?? جي ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته هو افغان تڪرار جي سياسي حل لاءِ ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.