اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته پاڪستان کي هڪ وڏي ميڊيا وار درپيش آهي، سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه کي ڀارت ليڊ ڪري ره??و آهي، پي ٽي ايم رياست مخالف 150 ٽرينڊز هلايا، ملڪ دشمن عنصر پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه جي لاءِ سوشل ميڊيا جو وڌيڪ استعمال ڪن ٿا، (ن) ليگ جي ميڊيا ٽيم ۽ جي يو آءِ (ف) پڻ اسرائيل ٽرينڊز ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو، ان پروپئگنڊه ۾ افغانستان جا به ڪجهه ماڻهو ملوث آهن، پاڪستان ۾ فرقيواراڻي نفرت ۽ لساني وڳوڙن جي ڪوشش ۾ به ٻاهرئين ملڪ مان سوشل ميڊيا اڪائونٽس ملوث آهن، نور مقدم ڪيس کي بنياد بڻائي ڀارتي ٽي وي چينلز پاڪستان جي خلاف ڪيترن ئي ڪلاڪن جون وڊيوز اپ لوڊ ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو ته پاڪستان کي هڪ پلان تحت ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ۽ پاڪستان جي خلاف جعلي خبرون پکيڙيون پيون وڃن، ان کي اسان پوري طرح بي نقاب ڪنداسين. هن ??يو ته اطلاعات واري وزارت جي ڊيجيٽل ميڊيا ونگ هڪ تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي طريقي سان پاڪستان جي خلاف سوشل ميڊيا کي خاص ط??ر تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ وڏا ڪردار ڪير آهن. ان رپورٽ ۾ ٻن سالن جي ڊيٽا شامل ڪئي وئي آهي. هن ??يو ته 2019ع کان وٺي آگسٽ 2021ع تائين پاڪستان جي سوشل ميڊيا جو هڪ تفصيلي تجزيو ان رپورٽ ۾ موجود آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي خلاف وڏي سوشل ميڊيا ٽرينڊز کي ڀارت ليڊ ڪيو، ان ۾ پاڪستان جي اندر سڀ کان وڏو ڪردار پي ٽي ايم ۽ ان سان تعلق رکندڙ ورڪرز آهن، جن هندستان جي ان حوالي سان مدد ڪئي. هن ??يو ته ??نه?? ٽرينڊز ۾ افغانستان جي موجوده حڪومت جا ماڻهو به شامل آهن. پي ٽي ايم پاڪستان رياست جي خلاف ٻن سالن ۾ 150 ٽرينڊز ليڊ ڪيا، ??نه?? ۾ رڳو 37 لک ٽوئيٽس ڪيا ويا. اهو اٽڪل ٽوئيٽس جو هڪ هزار ڪلاڪ بڻجي ٿو جيڪي پي ٽي ايم جي 150 ٽرينڊز تي ڪيا ويا. هن ??يو ته دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پي ٽي ايم بلوچ عليحدگي پسند تحريڪ کي پڻ سپورٽ ڪيو، 14 آگسٽ 2020ع تي پي ٽي ايم بلوچستان ساليڊيريٽي ڊي جو هڪ ٽرينڊ هلايو، ان ٽرينڊ تي هندستان مان هڪ ڏينهن ۾ ڏيڍ لک ٽوئيٽس ڪيا ويا، اهو ٽرينڊ شروع پي ٽي ايم ڪيو ۽ ان جي سپورٽ هندستان ڪئي. وڌيڪ ٽرينڊز به هلايا ويا، PTMExposeStateTerrorism# تي 23 هزار ٽوئيٽس ٿيا، DaSangaAzadiDa# تي 32 هزار ٽوئيٽس ٿيا، BalochistanSolidarityDay# تي هڪ لک 45 هزار ٽوئيٽس ٿيا، TyrantPakistanArmy# تي 34 هزار ٽوئيٽس ٿيا، ArmyBehindTargetkilling# تي 32 هزار ٽوئيٽس ٿيا، PakArmyKillsPashtun# تي 34 هزار ٽوئيٽس ٿيا. هن ??يو ته پي ٽي ايم TRC4PashtunGenocide# جهڙا ٽرينڊز شروع ڪيا ۽ ??نه?? کي سپورٽ هندستان کان ملي ره?? آهي. هن ??يو ته ٻن ڏينهن کان هڪ ٽرينڊ SanctionPakistan# هلايو پيو وڃي، ان ٽرينڊ تي پي ٽي ايم ٻيهر 20 هزار جي لڳ ڀڳ ٽوئيٽس ڪيا آهن. ان ۾ افغانستان جي نائب صدر امرالله صالح، نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر رحمت ا??له اندور ۽ ڊيفينس منسٽر جنرل بسم الله محمدي پڻ حصو وڌو. ان تي ڪل گڏائي 8 لک ٽوئيٽ ڪيا ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته هندستان مان ويڪيپيڊيا جو ايڊمنسٽريٽر پي ٽي ايم جي ماڻهن جي لاءِ ڪمپين ڊيزائن به ڪري ٿو ۽ ان جي لاءِ ويڪيپيڊيا پيجز پڻ هلايا وڃن ٿا. هن ??يو ته ان جو وڏو ثبوت ا??و آهي ته اي يو ڊس انفوليب انڊين ڪرونيڪلز جي نالي سان پنهنجي رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هندستان جون 845 ويب سائيٽس ٺاهيون ويون آهن جيڪي رڳو پاڪستان جي خلاف ڊس انفارميشن پکيڙين ٿيون. ??نه?? ويب سائيٽس جو هندستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي اين آئي سان ويجهو تعلق هو. اهي اي يو ڊس انفوليب جي سامهون آيون. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪريمه بلوچ تي هڪ ٽرينڊ StateKilledKarimabaloch# هلايو ويو. ڪريمه بلوچ ڪينيڊين شهري هئي. ڊسمبر 2020ع ۾ اها فوت ٿي، ڪئناڊا جي پوليس جاچ ڪئي ۽ ٻڌايو ته ان جي فوتگي ٻڏڻ سان ٿي، ان ۾ ڪو ٻيو رخ شامل نه هو پر پي ٽي ايم ان ٽرينڊ تي هزارين ٽوئيٽس ڪيا. اهڙي طريقي سان عثمان ڪاڪڙ جي موت برين هيمرج سان ٿي، ان جي لاءِ 10 هزار کان وڌيڪ ٽوئيٽس ٿيا جن مان ٻه ڀاڱي ٽوئيٽس هندستان مان ڪيا ويا. هن ??يو ته بلوچستان ۾ هڪ ٻار تي RapistArmyInBalochistan# جو ٽرينڊ هلايو ويو، ان ٽرينڊ تي ڪجهه عنصرن انڊيا مان ۽ ڪجهه آمريڪا مان ٽوئيٽس ڪيا. ان تي 10 هزار جي لڳ ڀڳ ٽوئيٽس ڪيا ويا، بدقسمتي سان ان ٽرينڊ ۾ جي يو آءِ (ف) ۽ پي ٽي ايم جي ميڊيا ٽيم حصو ورتو جيڪو بنيادي ط??ر تي اسرائيلي ٽرينڊ هو، اسرائيل پاڪستان جي اندر اهو ٽرينڊ ڏئي ڪنفيوزن پيدا ڪرڻ چاهيندو هو. ان کانسواءِ اي اين پي RejectKillDumpPolicy# ٽرينڊ بلوچستان ۾ پنهنجي اسپوڪس پرسن اسد خان اچڪزئي جي لاءِ شروع ڪيو، ان ٽرينڊ کي به هندستان مان سپورٽ ملي. بعد ۾ خبر پئي ته اي اين پي جي اسپوڪس پرسن اسد خان اچڪزئي جو قتل ڪار کسجڻ جي واردات ۾ ٿيو هو. هن ٻڌايو ته ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ جي ڪيترن ئي ٽوئيٽس کي هندستان مان سپورٽ ملي. هن ??يو ته تحريڪ لبيڪ جڏهن پنهنجي ڪمپين شروع ڪئي ته چار لک ٽوئيٽس 15 ڪلاڪن جي اندر مليا، ان ۾ تمام وڏو حصو هندستان جو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته نور مقدم ڪيس ڪرمنل ڪيس آهي، ان ۾ ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي آهي، جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن پر سوشل ميڊيا تي هڪ مهم هلائي وئي جنهن ۾ ??يو ويو ته پاڪستان عورتن جي لاءِ محفوظ ملڪ نه آهي. هندستان جي هڪ چينل نور مقدم ڪيس تي سوين وڊيوز ٺاهيون. هن ??يو ته پاڪستان کي هڪ تمام وڏي ميڊيا وار درپيش آهي جنهن ۾ پاڪستان جي خلاف جعلي ميڊيا کي جعلي خبرن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ڪجهه اهڙا ٽرينڊز هلايا وڃن ٿا جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي حقيقت جي خبر ئي ناهي هوندي. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته پيگاسس سپائي ويئر بابت ڪميٽي تي شروعاتي ڪم ٿي ويو آهي، حڪومت پاران ڪميٽي جي لاءِ آفيشلز نامزد ڪيا ويا آهن، نجي شعبي پاران نالن جو انتظار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير هڪ سوال تي ??يو ته پي ٽي آءِ حقيقي وفاق جي نمائنده سياسي پارٽي آهي جنهن کي سڄي ملڪ ۾ پزيرائي حاصل آهي، وزيراعظم عمران خان پوري ملڪ ۾ مقبول ترين ليڊر آهي، اسان کي پي ٽي ايم جي سياست سان ڪو مسئلو نه آهي، پي ٽي ايم جي اندر هڪ اهڙو ڌڙو آهي جيڪو ڀارتي ايجنڊا ۾ استعمال ٿي ره??و آهي. افغانستان جي حوالي سان هڪ سوال تي هن ??يو ته آمريڪا افغانستان ۾ اٽڪل 2 هزار ارب ڊالر خرچ ڪيا پر افغانستان جي فوج ان قابل نه آهي ته اها طالبان جو مقابلو ڪري سگهي. هن ??يو ته افغانستان جي سڄي ليڊرشپ ارب پتي آهي پر افغانستان جا ماڻهو غريب ترين آهن، ان جو ??نه?? کي حساب ڏيڻ گهرجي.