ڪراچي – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي احساس پناهگاهه ڪورنگي جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اتي ضرورتمند ماڻهن جي لاءِ فراهم ڪيل رهائش ۽ طعام جي سهول??ن جو جائزو ورتو، اها پناهگاهه احساس پروگرام ۽ پاڪستان بيت المال جو گڏيل منصوبو آهي جتي 100 ماڻهن ج?? رهائش جو انتظام ڪيو ويو آهي جڏهن ته 300 کان وڌيڪ ضروتمندن کي بنا معاوضي جي ٻن ويلن جي کاڌي جي سهولت به دستياب آهي. صدر احساس پناهگاه ۾ رهائش لاءِ ايندڙن جي رجسٽريشن جي طريقيڪار بابت معلومات حاصل ڪ??ي رهائشي ڪمرن ۽ ٻين سهول??ن جو معائنو ڪيو.