اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي ووٽ جي خريد ۽ وڪري، ڪرپشن ۽ من?? لانڊرنگ جي ڪمائي بچائڻ چاهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي وڊيو تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وڊيوز ۾ نمايان اُهو شرمناڪ طريقو جنهن کي سياستدان سينيٽ ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ استعمال ڪن ٿا، هڪ ٻئي پٺيان مڙهيل حڪمران اشرافيه جنهن قوم کي قرض ۾ ٻوڙيو، جي هٿان قومي اخلاقيات جي مڪمل تباهي جي عڪاسي ??هي. ڪرپشن ۽ من?? لانڊرنگ جو اهو دور اسان جي سياسي اشرافيه جو هڪ ڪڌو داستان ??هي. وزيراعظم چيو ته هي اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پئسو استعمال ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي اقتدار جي استحڪام لاءِ سرڪاري آفيسرن ۽ ميڊيا سميت ٻين فيصلاسازن جي خريداري جي ڏس ۾ ما?? ٺاهڻ ۽ قوم کي ڦري پرڏيهي کاتا ڀرڻ/ اثاثا ٺاهڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن جي خريداري جي لاءِ من?? لانڊرنگ جي لاءِ پنهنجي سياسي قوت استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو هاڻي بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي اهو ئي سڀ ڪجهه ته بچائڻ چاهي ٿو. عمران خان چيو ته اسان قوم جي ڪمزوري بڻجندڙ بدعنوان?? ۽ ??ني لانڊرنگ جي ان سلسلي جي خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون.