جده – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته او آءِ سي گولڊ?? جوبلي تقريبن ۾ پاڪستان جي نمائندگي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثيمين لاءِ ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جي خصوصي پيغام سان دلي مبارڪباد ۽ نيڪ تمنائ?? جو اظهار ڪريان ٿي، اسلامي سربراهه ملڪ?? جو اهو فورم مسلمان امت جي رشتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ جوڙڻ جو سڀ کان وڏو پليٽ فارم آهي.