اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان متحده عرب امارات جي س??ير حماد عبيد ابراهيم الزابي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ۾ پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستاني عوام پاران متحده عرب امارات جي اڳوڻي صدر شيخ خليفا بن زيد النيهان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چي?? ته شيخ خليفا مرحوم پاڪستان جو دوست هو، ان جي وفات ٻنهي ملڪن لاءِ وڏو ??قص??ن آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته يو اي اي جي نئين صدر شيخ محمد بن زيد بن سلطان النيهان وزنري ۽ ترقي پسند اڳواڻ آهي، هن چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر شيخ محمد بن زيد ايندڙ نسلن جي ترقي ۽ خوشحالي جو انقلابي ويزن رکن ٿا، ٻئي اڳواڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، واپاري، سماجي ۽ گڏيل دلچسپي سميت سڀني شعبن ۾ مضبوط لاڳاپن ۽ رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهن. هن چي?? ته اسان جي حڪومت نئين فلم ۽ ڪلچر پاليسي تي عمل سروع ڪيو آهي، يو اي اي جي فلم سازن ۽ سيڙپڪارن کي فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا، مريم ارونگزيب دبئي ايڪسپو جي ڪامياب انعقاد تي يو اي اي جي قيادت ۽ آرگنائيزر کي مبارڪباد پيش ڪندي چي?? ته دبئي نمائش سان مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ معاشي موقعن ۾ اضافو ٿيو ۽ مختلف ملڪن جي ثقافت کي فروغ مليو، هن چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب واپار ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، متحده عرب امارات جي س??ير مريم اورنگزيب کي اطلاعات جي وزارت جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن موجب ٻ??رفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي يقين رکن ٿا.