ميانوالي – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام جي ڀلائي جي حوالي سان عملي قدمن تحت ميانوالي ?? ماڊل پوليس اسٽيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو ??هي، ان کان اڳ پوليس اسٽيشن ??چڻ تي وزيراعظم کي پنجاب پوليس جي دستي طرفا?? گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ان کانپوءِ وزيراعظم پوليس اسٽيشن جي مختلف حصن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي آءِ جي پنجاب پوليس کاتي جي حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، آءِ جي پنجاب، ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به وزيراعظم سان گڏ هئا.