اسلام آباد – 04 جنوري (??ي پي پي) وزيراعظم جي اطلاع??ت ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان قائداعظم جي ويزن جي عملي تصوير بڻجي رهيو آهي، ڪرتار پور لنگهه بين المذاهب هم آهنگي جي روشن مثال ۽ پاڪستان جي امن جو پيامبر هجڻ جو ثبوت آهي. سيڪولرازم جي نالي تي بڻجندڙ ڀارت اڄ تعصب ۽ نفرت جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، گانڌي ۽ نهرو جو هندستان بدلجندو نظر اچي ٿو ۽ ”هندوتواستان“ ۾ اقليتن جي بدترين تشدد، ڏاڍ ۽ ستم جو نش??نو بڻايو ??يو ??ڃي.