اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته زرعي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، مقامي صنعت جي فروغ، نوجوانن کي فني مهارت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان 5 سالن وارو معاشي پلان جوڙيو پيو وڃي، متحد ٿي اسان پاڪس??ان کي جلد پن??نج?? پيرن تي بيهارينداسين ۽ اهو معاشي قوت بڻجندو. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن جي آجيان ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن هن ڪوئيٽا جو دورو ڪيو جتي شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي، انهن کي بلند حوصلي وارو ڏٺو، اتي 26 آگسٽ تي جيڪو ماحول ٺاهيو ويو، ان جو مقصد اهو هو ته اهو باور ڪرايو وڃي ته اتي ڪا عليحدگي جي تحريڪ هلي رهي آهي، ان ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو اهو دهشت??رد?? جي انتها هئي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دوري دوران اتي ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا پاران دهشت??رد?? ۽ موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ته ڪهڙي طرح دهشتگرد ۽ خارجي عنصر ٻاهرئين مدد سان گڏجي نفرت جا ٻج پوکي رهيا آهن، اتي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي قيادت ۾ سويلين حڪومت بلوچس??ان جي تعمير ۽ ترقي ۽ نوجوانن جي لاءِ ??هترين پروگرام کڻي هلي رهي آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، پاڪ فوج دهشت??رد?? جو پيڇو ڪري رهي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ان سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته دور دوران ليويز کي جديد اوزارن جي فراهمي جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي، انهن کي جديد اوزارن جي فراهمي جي لاءِ ??وبائي حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته دوري دوران سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ٿي، اهي سڀ محب وطن ۽ بلوچس??ان جي تعمير ۽ ترقي جا خواهشمند آهن، انهن جي جائز مشورن کي ٻڌو آهي، انهن تي مڪمل عمل ڪنداسين. هن چيو ته دهشت??رد?? ۽ پاڪس??ان مخالفن سان ڳالهه ٻولهه جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جڏهن ته جن نوجوانن کي مختلف بيانيي سان گمراهه ڪيو پيو وڃي، انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، بلوچس??ان جي نوجوانن جي لاءِ چائنا ۾ اسڪالرشپس سميت ليپ ٽاپ ۽ ٻين پروگرامن ۾ انهن کي باقي ملڪن جي نوجوانن کان 10 سيڪڙو وڌيڪ ڪوٽا ڏني پئي وڃي، بلوچس??ان ۾ ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ 55 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سي پيڪ مان بلوچس??ان جا ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن، چين اسان جو آزمايل دوست آهي، چينين جي خلاف دهشت??رد?? ان دوستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ سي پيڪ جي ذريعي عوامي ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي برابر آهي. هن چيو ته بلوچس??ان جي وڏي وزير سان گڏجي وفاقي حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي، پاڪس??ان جي دشمنن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏجي عبرت جو مقام بڻائينداسين، ان کانسواءِ ??رقي ۽ خوشحالي جو سفر اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. وزيراعظم چيو ته موڊيز پاڪس??ان جي ريٽنگ ۾ بهتري جو اعلان ڪيو جيڪو پاڪس??ان جي معاشي صورتحال جي بهتري جو اعتراف آهي، جڏهن ته اهو ڊگهو سفر آهي ۽ ان تي عزم سان هلڻو پوندو، پاڪس??ان جي ترقي جي سفر تي حڪومتون ۽ قوم متحد آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت هڪ معاشي پلان جوڙيو آهي جنهن تي تيزي سان ڪم ??ي رهيو آهي جيڪو جلد قوم آڏو آڻينداسين، ان 5 سالن واري منصوبي جي هدفن ۾ زرعي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، مقامي صنعت کي فروغ، نوجوانن کي فني مهارت ۽ روزگار جي فراهمي شامل آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي محنت سان اڳتي وڌڻو آهي، مشڪلاتن جو مقابلو عزم سان ڪندڙ قومن جو رستو ڪير نه ٿو روڪي سگهي، محنت ۽ اتحاد سان پاڪس??ان پن??نج?? پيرن تي بيهندو ۽ معاشي قوت بڻجندو.