اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف وزيراعظم ??في?? جي باغيچي ۾ ٻوٽو هڻي گرين پاڪستان مهم جو افتتاح ڪيو جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ 10 ڪروڙ ٻ??ٽا هنيا ويندا جنهن جي لاءِ وفاق ساڍا 3 ارب رپيا فراهم ڪند?? جڏهن ته صوبا به ان مقصد جي لاءِ ايتري ئي ر??م ڏيندا. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون وارو وفاقي وزير زاهد حامد، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو ص??اح??ار آصف ڪرماڻي پڻ موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي خصوصي ٻارن کي پڻ خاص طور تي گهرايو هو.