واشنگٽن-19 سيپٽمبر(اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪي صدر جوبائيڊن کي ملڪ ۾ 30هين پاڪستاني سفير جي حيثيت سان پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. بليئر هائوس ۾ گذريل ڏينهن منعقد ٿيل تقريب ۾ صدر جوبائيڊن پاڪستاني سفير جي آجيان ڪندي ??يو ته آمريڪا اهم عالمي ۽ علائقائي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏ آهي. پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب تقريب ۾ ڊپلوميٽڪ ڪميونٽي جي ميمبرن ۽ آمريڪي انتظاميه جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستاني سفير پنهنجي رمارڪس ۾ صدر، وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام پاران آمريڪي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ??يو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار تي ٻڌل لاڳاپا آهن، هن پاڪستان لاءِ آمريڪي امداد خاص طور تي ان جي رياستي حيثيت جي شروعاتي مرحلي کي ياد ڪندي ??يو ته ٻئي ملڪ پنهنجي لاڳاپن ۾ سيڙپڪاري جاري رکيون پيا اچن ۽ ماحولياتي تبديلي، توانائي، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار کي اڳيان وڌائي رهيا آهن. هن ??يو ته پاڪستان آمريڪي اقتصادي حصيداري اسان جي گڏيل لاڳاپن جو مرڪز آهي ۽ آمريڪا پاڪستاني روانگي واپار لاءِ سڀ کان وڏي مارڪيٽ آهي، پاڪستاني سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم واپاري امڪانن کي اجاگر ڪندي ??يو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي واپار کي وڌائڻ ۽ متبادل توانائي، ماحول دوست ٽيڪنالاجي، صنعت، ڊجيٽل پليٽ فارمز، اعليٰ تعليم ۽ گڏيل فائدي جي ٻين شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي. هن آمريڪا ۾ پاڪستان جي وڏين ۽ متحرڪ شخصيتن جي ڪردار تي زور ڀريندي انهن کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ پل قرار ڏنو. پاڪستاني سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي نئين تحريڪ ڏيڻ ۽ گڏيل مفادن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي سميت ٻين شعبن ۾ منظم ۽ وسيع البنياد ۽ نتيجي تي ٻڌل ڳالهين جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي آمريڪي صدر جوبائيڊن رضوان سعيد شيخ جي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ۾ سفير طور مق??ري جي آجيان ڪندي ??يو ته سندس مق??ري ۽ آمريڪا اچڻ هر لحاظ کان اهم آهي. صدر جوبائيڊن ??يو ته هي اسان جي قومن وچ ۾ 75 سالن کان وڌيڪ عرصي جي دوستي ۽ اقتصادي ڳالهي??، سيڪيورٽي سهڪار، عوا??ي سطح تي لاڳاپن ۽ ثقافتي مٽاسٽا لاءِ اسان جي مستقل وابستگي جي نشاني آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار حصيداري، ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم آهي. صدر بائيڊن وڌيڪ ??يو ته آمريڪا پنهنجي وقت جي سڀ کان اهم عالمي ۽ علائقائي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن ??يو ته اسان جا ملڪ ماحولياتي تبديلين، علائقائي سلامتي جي خطرن ۽ عال??ي سطح تي صحت جي صورتحال کي درپيش اهم چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد آهن. اسان کي سلامتي، واپار ۽ سيڙپڪاري، اقتصادي ترقي، يو ايس پاڪستان گرين الائنس جي فريم ورڪ ۽ خوشحالي ۾ گڏيل مفادن کي اجاگر ڪندو رهڻ گهرجي. هن ??يو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا علائقائي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ اهم آهن. اسان دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان سهڪار کي ساراهيون ٿا. صدر جوبائيڊن ??يو ته هو گڏيل ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستاني سفير سان گڏ ڪرڻ جا منتظر آهيون.