لاهور – 16 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چيو آهي ته ڪنهن به ميدان ۾ ڪاميابي ۽ گهربل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل سڀني وسيلن ۽ ضرورتن کان مڪمل آگاهي هجڻ ضروري آهي، آبادي ۾ اصافي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ فيملي پلاننگ تي عملدرآمد جي حوالي سان عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پ??ند??. اهڙن خيالن جو اظهار آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي اهتمام هيٺ گورنر هائوس ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ خاص مه??ان جي طور تي خطاب ڪندي ڪيو.