اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان چين سان لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ چين جا مقصد گڏيل آهن، ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ ڪاروباري لاڳاپن جو استحڪام اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اها ڳالهه هن توانائي، مواصلات، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مالياتي ۽ صنعتي شعبي سان تعلق رکندڙ چين جي 10 سر فهرست ڪمپنين ??ي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي.