اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي آهي ته قومي ??سيمبلي جي اجلاس دوران ڪورونا وبا جي ڏس ۾ صحت جي اصولن تي عمل ڪندي سماجي فاصلي سميت ٻين احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اها هدايت هن پارليامينٽ هائوس جي دوري دوران ڏني. صدر قومي ??سيمبلي جي هال جو دورو ڪيو ۽ قومي ??سيمبلي جي سومر کان شروع ٿيندڙ اجلاس جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن اجلاس بابت بريفنگ جي صدارت ڪئي. قومي ??سيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ قومي ??سيمبلي جي اعليٰ عملدارن صدر کي ب??يفنگ ڏني.