اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي م??في اثرن کان ملڪي معيشت کي م??ڪن حد تائين محفوظ رکڻ، معاشي سرگرمين جي بنا رڪاوٽ رواني کي يقيني بڻائڻ ۽ خاص طور تي عام ماڻهو جي لاءِ روزگار جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ اولين ترجيح آهي، ڪنهن به ممڪن صورتحال جي ڏس ۾ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ۽ ضرورت جي شين جي وڏي م??دار ۾ دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي شڪ??يت هرگز برداشت نه ڪئي ويندي ۽ شڪ??يت جي صورت ۾ ذخيره اندوزن جي خل??ف سخت ايڪشن کنيو ويندو. وزيراعظم اها هد??يت ڪرونا وائرس جي ڪري ملڪي معيشت تي پوندڙ امڪاني اثرن کان بچڻ جي حوالي سان اڳواٽ حفاظتي قدم کڻڻ جي سلسلي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.