اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ معاشي صورت??ال مستحڪم ٿي آهي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد ب??ال ٿيو آهي، هن وقت حڪومت جو ڌيان عام م??ڻهو کي هر م??ڪن رليف فراهم ڪرڻ تي آهي، معاشي استحڪام کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تيل، گئس ۽ معدنيات جي شعبن ۾ صوبن جي صلاحيت وڌائڻ جي ڏس ۾ وفاقي حڪومت هر م??ڪن مدد فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن حڪومت جي معاشي ٽيم سان اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو.