اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منظور ٿيل هائوسنگ سوسائٽين ۽ غير منظور ٿيل سوسائٽين جو سمورو ڊيٽا لاڳاپيل ڊولپمينٽ اٿارٽيز جي ويب سائيٽس تي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ صوبائي سطح تي سينٽرل ڊيٽا بئنڪ جوڙيو وڃي ته جي??ن هي انهن منصوبن جي سمورا تفصيل هر پاڪستاني ۽ خاص طور تي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ميسر هجن. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين جي فروغ ۽ صوبائي حڪومتن پاران منظورين جي عمل ۾ تيزي جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻڌاي?? ته هن وقت تائين 87.03 ملين مربع فوٽ تي تعميرات جي حوالي سان درخواستون ملي چ??يون آهن. ان ۾ لاهور 38 سيڪڙو، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن 22 سيڪڙو، راولپنڊي 18 سيڪڙو، فيصل آباد 11 سيڪڙو، ملتا?? 10 ??يڪڙو شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته 29 ڊسمبر تائين 62.33 ملين مربع فوٽ تعيمرات جون درخواستون مليون هيون، هن وقت اهو تعداد 87.03 ملين مربع فوٽ تائين پهچي ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته پنجاب صوبي جي سمورن ضلعن ۾ تعيمراتي سرگرميون واقع ٿي رهيون آهن. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته هن وقت تائين 41.07 ملين مربع فوٽ تعميرات جون درخواستون منظور ڪيون ويون آهن. 29 ڊسمبر تائين ڏنل منظورين جو رقبو 30 ملين مربع فوٽ هو، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌاي?? ته تعميراتي منصوبن جي حوالي سان هن وقت تائين پورٽل تي ڪل 17692 درخواستون مليون آهن جنهن مان 11349 منظور ٿي چ??يون آهن، هن ٻڌاي?? ته منظور ٿيندڙ ۽ منظوري جي عمل ۾ منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو ڪل ڪاٿو 353.43 ??رب روپيا آهي، ان 353.43 ??رب روپين جي سيڙپڪاري مان 1767.15 ??رب جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون ۽ 315678 نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.