اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ممنوعه فنڊنگ ۾ اسان کي ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ اليڪشن ڪميشن ۾ ڦاسي چڪي آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي ڪارڪنن ۽ خيرخواهن جا نالا، ايڊريس، شناختي ڪارڊ ۽ ٻي?? دستاويزن جي 40 هزار انٽريز تي ٻڌل تف??يل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، مخالف ڌر کي مشورو آهي ته اها جٿن جي پٺيان لڪڻ بدران خاموشي سان اليڪشن ڪميشن وڃي پنهنجي فارن فنڊنگ جا تف??يل جمع ڪرائي، پي ڊي ??يم ناڪام تحريڪ تي ٿيسز لکيا ويندا ته ڇو اها تحريڪ ناڪام ٿي، پي ڊي ??يم جو آخري پتو اليڪشن ڪميشن جي سامهون احتجاج جو آهي، 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج منهن جي پڪائ??، عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي سرگرمي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.