اسلام آباد – 31 –; ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ترجيحاتي شعبن جي هفتيوار جائزي اجلاسن جو آغاز ٿي ويو آه??، جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف لاڳاپي?? وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز وڊيو ل??ڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته ماضي ۾ نظر انداز ٿيندڙ ڇهه شعبن ۾ وڏي پئماني تي سڌارا لاڳو ڪرڻ لاءِ انهن کي ترجيحن شعبن جو درجو ڏنو ويو جن??ن ۾ فوڊ سيڪيورٽي، زراعت، بجلي، افرادي قوت، ٻاهرين سيڙپڪاري، نجڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ روانگي واپار تي خصوصي ڌيان جي لاءِ اڪنامڪ آڊٽ ريچ شامل آه??، ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ هفتيوار جائزي اجلاس ٿيندو جن??ن ۾ وزيراعظم پاڻ انهن شعبن جي حوالي سان مسئلن جي فوري حل جي نگراني ڪندو.