اسلام آباد-05 جون(اي پي پي) ??زي??اعظم جي پوليٽيڪل ڪميونيڪيشنز بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو ??هي ته پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو هيٺين سطح تي پڻ عوامي نمائندن کي سامهون آڻڻ جو موقعو ڏنو، ??زي??اعظم پورٽل ۾ 22 لک شڪايتون موصول ٿي چڪيون آهن، آئنده ??زي??اعظم سٽيزن پورٽل جي ماهوار رپورٽ پيش ڪئي ويندي. هن وقت تائين بي پناهه اهميت جوڳا 28118 شڪايتن جو ازالو نه ٿي سگهيو ??هي جن ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون سنڌ جي ادارن جي باري ۾ آهن، شهباز شريف ماڻهن جي ذاتي??ت کان بيان بازي کان پاسو ڪري ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏي، اسان کي اها به خبر آهي ته شهباز شريف پنهنجي مفرور ڀاءُ نواز شريف جو ضامن آهي. پ پ جي اڪثر سرڪرده اڳواڻ ڪرپشن جي الزامن ۾ ورتل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر صداقت عباسي ۽ ڪنول شوزب ساڻس گڏ هئا.