لاهور – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي تحريڪن جي پٺيان پاڪستان جي ملوث هجڻ جي ڀارتي پروپئگنڊا پوري دنيا جي سامهون بي نقاب ٿي چڪي آهي، جڏهن به ڀارت پاڪستان تي جنگ مڙ??ي اسان امن جو پيغام ڏنو، ڪشمير جي آزادي اتان جي عوام جي امنگن جي تحريڪ آهي، پاڪستان پوري دنيا کي پيغام ڏن?? ته اسان امن پسند قوم آهيون، جهڙي طرح اسان 51 لک افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پناهه ڏني ان جو مث??ل به پوري دنيا آڏو ظاهر آهي، وزيراعظم عمران خان ڪ??ميرين جي آزادي جي تحريڪ لاءِ عالمي سطح تي جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان تي کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هو نظريه پاڪستان ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ 12هين سالياني ٽن ڏينهن واري نظريه پاڪستان ڪ??نفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.