اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عنصرن سان ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه ڪيو نه اڳتي ڪندو، ڪرپشن ڪنگز ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي پنهنجا گناهه لڪائڻ جي لاءِ ڍال طور استعمال ڪرڻ جي ??وش?? ڪري رهيا آهن، عوام جي خلاف ڪرپشن جو گناهه انهن پنهنجي دور ۾ ڪيو آهي، اهڙين حرڪتن سان لڪڻ وارا نه آهن، ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدعنواني جو خاتمو و??ير??عظم عمران خان جو نصب العين آهي، عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت ??حتساب جي ايج??ڊا کڻي آئي، ان عوامي ايج??ڊا کي هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جنهن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ جي حوالي سان ميڊيا، اخبارن، سول سوسائٽي ۽ عوام ۾ هڪ بحث هلي رهيو آهي، ضروري آهي ته ان جي پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي.