سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عو??ڻ چيو اهي ته 2020ع نئ??ن سر تعمير ۽ پاڪستان جي بهتري جو سال هوندو، اهو سال نئين پاڪستان جي نئين رنگ ۽ ڍنگ کي اڳتي وٺي هلڻ جو سال آهي، موجوده حڪومت پنهنجو پهريون سال سڌارن ۾ گذاريو جنهن سبب عوام کي مهانگائي جي صور?? ۾ ??شڪلاتن کي به منهن ڏيڻو پيو ڇو ته سڌارن جو عمل تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي، نظام کي بدلائڻ جي جدوجهد ۾ ان سڙيل نظام سان جڙيل طاقتور طبقن ۽ رڪاوٽن کي هٽائڻ ۾ مشڪلاتون هونديون آهن، گذريل حڪومت معيشت کي ننڍا ننڍا پر نه تمام وڏا زخم ڏنا، قرضن کي ملڪي سطح جي بدترين جڳهه تي ڇڏيو، ڪرپشن جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ وڏي سرجري جي ضرورت هئي، سيالڪوٽ ۾نساءِ انسٽيٽيوٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون پنهنجو پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿي ته الله تعاليٰ مون کي توهان لاءِ چونڊيو ۽ اها ذميداري ڏني ته آئون توهان جي سُڃاڻپ بڻج??ن ۽ توهان جي حقن جي ڳالهه ڪري سگهان.